عالمي ادب ڪتاب

عالمي ادب (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور اديبن ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن جو مرتب ڪيل آهي. هن ڪتابي سلسلي ۾ سهيوڳي اديبن جي لکڻين کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري هي سلسلو رڳو هڪڙي ايڊيشن تائين محدود رهيو. ڊيمي سائيز ۽ ڪچي جلد سان 151 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ رنگ حيدرآباد پاران 1978ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 6 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو